حيدرآباد دکن

حيدرآباد دکن

حيدرآباد دکن

حيدرآباد دکن: حيدرآباد دکن هندستان جو اهم شهر آهي، ورهاڱي کان اڳ هن شهر کي رياست جو درجو حاصل هو. ورهاڱي کانپوءِ هن رياست کي هندستان ۾ شامل ڪيو ويو. هن رياست کي هندستان ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ آصفيه سلطنت چيو ويندو هو. انهيءَ سلطنت جو بنياد 1136هه بمطابق 1748ع ۾ مغليه سلطنت جي آخري دور ۾ آصف جاه نالي مغل گورنر رکيو. ان وقت اها سلطنت نربدا نديءَ کان ترچنا پلي ۽ ڪوڪن کان مدراس تائين پکڙيل هئي. هندستان تي انگريزن جي قبضي کان گهڻو عرصو پوءِ به هن رياست جو انتظام آصف جاه جي هٿ هيٺ رهيو. انگريزن آهستي آهستي آصف جاه سان رابطا ۽ بهتر تعلقات قائم ڪيا. جڏهن فرينچن مدراس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انگريزن آصف جاه کي مدد جي اپيل ڪئي. آصف جاه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مظفر جنگ حيدرآباد دکن جو حڪمران ٿيو، پر اندروني انتشار سبب فسادين کيس قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ آصف جو ٻيو پٽ صلابت جنگ 1751ع ۾ هندستان جو حڪمران ٿيو. سندس دور ۾ فرينچ ڪافي عروج حاصل ڪري چڪا هئا. هن دور ۾ مرهٽن رياست اندر پنهنجي طاقت ظاهر ڪري رياست جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو. ان ئي دور ۾ يورپ جي سياست پلٽو کاڌو ۽ فرانس جو اثر رسوخ ختم ٿيڻ سان انگريزن جو عروج شروع ٿيو. 1761ع ۾ صلابت جنگ کي سندس ئي وزيرن قيد ڪري آصف جاه جي چوٿين پٽ نظام علي خان کي تخت تي ويهاريو. هن آصف جاه ثانيءَ جي نالي سان حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. انهيءَ زماني ۾ احمد شاهه ابداليءَ پاڻيپٽ جي ميدان ۾ مرهٽن جي قبضي ۾ آيل علائقن کي ٻيهر پنهنجي رياست ۾ شامل ڪيو. هن جي انتقال کان پوءِ آصف جاه ٽيون نواب سڪندر جاه تخت نشين ٿيو. سندس دور حڪومت ۾ انگريزن رياست جي داخلي سياست ۾ پنهنجا قدم ڄمائي ورتا. جڏهن وزير ارسطو جي وفات ٿي ته هن مير عالم کي وزير مقرر ڪيو. ان وقت تائين رياست جو مالي نظام بگڙي ويو. اهڙيءَ صورتحال سبب آصف جاه ثالث کي قرضن جي ضرورت پئي، حيدرآباد ۾ هڪ انگريز شاهوڪار 24 سيڪڙو وياج جي شرح تي قرض ڏيندو هو. هن ان کان قرض ورتو، نتيجو اهو نڪتو جو 1833ع تائين رياست جي ذمي هڪ ڪروڙ سورهن لک قرض واجب الادا ٿي چڪو هو. آصف جاه ثالث کان پوءِ آصف جاه چوٿون ناصرالدوله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ 1244هه 1829ع ۾ تخت تي ويٺو. هن چندرلال کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ جو ان جي وزارت دوران رياست ٻن ڪروڙن جي مقروض ٿي چڪي هئي. هن سمورا اختيار پنهنجن هٿن ۾ ورتا ته انگريزن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ هنن کيس طرح طرح جون ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، پوءِ قرض جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ 36 لک سالياني قسط مقرر ڪئي وئي. ناصرالدوله پنهنجي عزت بچائڻ ۽ قرض جي ادائگي لاءِ چئن مهينن جي مهلت گھري، پر انگريزن کيس مهلت نه ڏني. ان کان پوءِ هڪ معاهدي هيٺ مئي 1853ع ۾ برار جو علائقو انگريزن جي عملداريءَ ۾ اچي ويو. 1851ع ۾ ناصرالدوله وفات ڪئي ته سندس جاءِ تي افضل الدوله آصف جاه (پنجون) تخت نشين ٿيو. جنگ آزاديءَ دورانِ حيدرآباد دکن تي انگريزن جو اثر رسوخ وڌندو ويو ۽ 27 مارچ 1859ع ۾ انگريزن رياست حيدرآباد دکن تي مڪمل قبضو ڪري ورتو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد دکن تعليم جي ميدان ۾ اڳتي هئي. هتي 1878ع ۾ اعليٰ مغربي تعليم جو هڪ ڪاليج کوليو ويو، جنهن ۾ 1907ع ۾ پهريون ڀيرو اعليٰ مغربي تعليم جو آغاز ٿيو، جنهنڪري مشرقي تعليمي نظام تباهه ٿيڻ شروع ٿيو. 1891ع کان 1906ع تائين دارالعلوم جي ترقي قرطبه ۽ بغداد جو منظر پيش ڪندي رهي، پر جڏهن 1907ع ۾ ان جو تعلق پنجاب يونيورسٽيءَ سان ختم ڪيو ويو ته ان جي ساک ختم ٿي وئي. ٻن سالن کان پوءِ حيدرآباد دکن ۾ هڪ جامعه قائم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو. جيڪا آخرڪار آصف جاه (چوٿين) مير عثمان عليءَ جي عهد ۾ قائم ٿي. جامع عثمانيه جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٻارهن سالن جو عرصو لڳو. جامع ۾ درس تدريس جو ذريعو اردو زبان کي بڻايو ويو. انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين شعبو دارالتصنيف ۽ ترجمي جو قيام عمل ۾ آيو ۽ يورپي زبانن کي اردوءَ ۾ ترجمي جو ڪم شروع ٿيو. 1918ع ۾ جامع عثمانيه ۾ پهريون ڀيرو مئٽرڪ ۽ بي. اي جا امتحان 1922ع ۾ شروع ٿيا ۽ 1928ع تائين هن جامع ۾ ايم. اي تائين تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سلطنت آصفيه جي زماني ۾ هتي جي حاڪمن شعر ۽ ادب جي سرپرستي ڪئي. ان دور ۾ جيڪي مشهور شاعر حيدرآباد دکن ۾ آيا، تن ۾ مرزا داغ دهلوي نمايان نظر اچي ٿو. پنڊت رتن ناٿ سرشار ۽ مولانا عبدالحڪيم شرر به پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو وقت هن علائقي ۾ گذاريو.
جڏهن برطانوي راڄ ختم ٿيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻه الڳ ملڪ بڻجڻ وارا هئا، تڏهن 26 جون 1947ع تي رياست جي آخري نواب فرمان جاري ڪندي پڌرو ڪيو ته حيدرآباد رياست نه پاڪستان جي اسيمبليءَ جو حصو بڻجندي ۽ نه ڪو ڀارت جو. حيدرآباد رياست جي آخري نواب مير عثمان خان معاهدي مؤجب حيدرآباد کي آزاد رياست قرار ڏنو پر ڀارتي حڪومت قائم ٿيڻ بعد ان کي آزاد رياست تسليم نه ڪيو ويو ۽ سيپٽمبر 1948ع ۾ فوجي ڪارروائي ڪري ان کي هندستان ۾ ضم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ وري رياست کي لساني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، آنڌرا پرديش، مهاراشٽر ۽ ميسور- اهڙي طرح حيدرآباد دکن جي 232 سال تي مشتمل تاريخي حيثيت ختم ٿي وئي. حيدرآباد دکن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي.


لفظ حيدرآباد دکنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.26  عيسوي

جڏهن برطانوي راڄ ختم ٿيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻه الڳ ملڪ بڻجڻ وارا هئا، تڏهن 26 جون 1947ع تي رياست جي آخري نواب فرمان جاري ڪندي پڌرو ڪيو ته حيدرآباد رياست نه پاڪستان جي اسيمبليءَ جو حصو بڻجندي ۽ نه ڪو ڀارت جو. حيدرآباد رياست جي آخري نواب مير عثمان خان معاهدي مؤجب حيدرآباد کي آزاد رياست قرار ڏنو پر ڀارتي حڪومت قائم ٿيڻ بعد ان کي آزاد رياست تسليم نه ڪيو ويو ۽ سيپٽمبر 1948ع ۾ فوجي ڪارروائي ڪري ان کي هندستان ۾ ضم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ وري رياست کي لساني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، آنڌرا پرديش، مهاراشٽر ۽



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽو
جُهڏو 2 (شهر)
جنيوا
ٽنڊوڄام
دادو ضلعو
جيوَر
تلهار
دوداپور
بلخ
ٽنڊو باگو
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون